پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارباب فقير خاصخيلي ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. جڏھن ته جهيڙي جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 7 عورتن سميت 18 ماڻھو زخمي ٿي پيا زخمين ۾ علي حيدر، جان محمد، علي گوهر، گلبهار، ريشما خاتون، پناهه خاتون، زليخا سميت ٻنهين ڌرين جا 18 ماڻھو زخمي ٿي پيا. جڏھن ته اطلاع تي پڊعيدن پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو جتان شديد زخمي ٿيلن کي نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو رابطو ڪرڻ تي ايد ايچ او پڊعيدن ٻڌايو ته 6 مهينا اڳ شادي شده عورت سان نڪاح مٿان نڪاح ڪرڻ واري معاملي تي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو. جڏھن ته ٻنهي ڌرين جي جهيڙي جي اين سي داخل ڪري ٻنهي ڌرين جا 5 ماڻھون گرفتار ڪيا آھن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.