حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي اناج مارڪيٽ جي گرينڊ سيڊز اينڊ آئل مرچنٽس ايسوسيئيشن شهر ۾ امن امان ي خراب صورتحال ۽ واپارين کان ڦرلٽ جي واقعن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي تحفظ نه ملڻ جي صورت ۾ پنهنجو ڪاروبار اڻڄايل مدي تائين بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي. ايسوسيئيشن جي صدر حاجي هارون ميمڻ جي صدارت هيٺ واپارين جو هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ گذريل ڏينهن نريندر ڪمار ۽ وقاص ميمڻ نالي واپارين کان 8 لک رپين جي ڦرلٽ واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه مهينا اڳ عبدالحميد نالي واپاري کان هڪ لک رپيا، 6 مئي تي گاس منڊي ۾ واپارين عبدالرشيد قريشي کان ساڍا 4 لک رپيا ڦرلٽ ڪئي وئي پر انهن وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڦرلٽ جي واقعن، لاڪ ڊائون ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب واپاري سخت پريشان آهن. ٻن مهينن دوران واپارين کان لکين رپيا ڦريا ويا پر ڪنهن به واردات ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. وارداتن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي حيدرآباد کي ڪيترائي ڀيرا فون ڪالز ڪيون ويون پر هن فون اٽينڊ نه ڪيا. امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي ۽ لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن واپاري برادري امن ۽ سڪون سان پنهنجو ڪاروبار رکي سگهي ٻي صورت ۾ واپاري برادري سراپا احتجاج بڻجي ويندي.