بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ويجهو ڳوٺ ڄام ميرل سانگي کان رحيم يار خان تعزيت لاءِ ويندڙن جي وين صادق آباد لڳ ايم فائيو روڊ تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڄام ميرل سانگي واسي مسمات سهڻي زال عبدالوهاب سانگي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته غلام فريد سانگي، خالد سانگي، بلاول سانگي، رشيد، نويد سانگي، حسين ۽ مسمات شبيران سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ فوتي عورت جو لاش رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوت عورت جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.