پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج سامهون رڪشا، موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ڊرائيور 22 ورهين جو قاسم ڊکڻ روڊ تي ڪري پيو، سامهون ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي فوت ٿي ويو، جنهن جي مڙهه کي ضروري ڪارروائي لاءِ ايمبولينس نه هجڻ ڪري رڪشا تي اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن ضروري ڪاروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور ظھير راڄپر کي گرفتار ڪري ورتو ۽ آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ٻئي پاسي فوتي نوجوان جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.