ميرپور ساڪرو/ٻھارا (نمائندن وٽان) ٻھارا ويجهو ڳوٺ موسيٰ ميربحر ۾ نافرمان پٽ لٺيون ھڻي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار. خبرموجب ٻھارا لڳ ڳوٺ موسيٰ ملاح ۾ معمولي ڳالهه تان نافرمان پٽ براد ميربحر پنهنجي والد 45 سالن جي ڇڇر ميربحر کي لٺيون ھڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس واردات واري هنڌ پهچي مقتول جي لاش کي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال شيخ زيد ميڊيڪل سينٽر ميرپورساڪري منتقل ڪيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب گھر ۾ معمولي ڳالهه تان اڻبڻت بعد جوابدار براد پنهنجي پيءُ کي لٺيون ھڻي قتل ڪيو آهي. پوليس ٻڌايو ته جوابدار براد ميربحر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مقتول جي وارثن مقتول ڇڇر ميربحر جو ڪنهن ڳالهه تان پنهنجي گهر واريءَ سان جهيڙو ٿي پيو، ان دوران سندن پٽ مڇرجي لٺيون هڻي پنهنجي والد کي قتل ڪري ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.