گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙو ۾ گھرو معاملي تان 38 سالن جي مسمات جميلان خاتون ۽ سوڀيديرو واسي 21 سالن جي ناري مقدص خاتون زهريلي دوا پي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته سم نالي واسي ٻن ڄڻن 20 سالن جي فرمان شيخ ۽ 21 سالن جي ناري صفوران پيٽرول پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وارث بيهوشي حالت ۾ 4 ئي ڄڻن کي اسپتال کڻائي ويا، جتي چئني ڄڻن جي طبيعت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.