پٿورو (ن پ ا) پٿورو ڀرسان 4 ڏينهن اڳ ڳوٺ عمر هاليپوٽو ۾گھر اندر پراسرار نموني فوت ٿيل نوجوان جي قتل جو انڪشاف، ان ڏس ۾   ڳوٺ عمر ھاليپوٽو ۾ گهر اندر  پراسرار نموني فوت ٿي ويل نوجوان جا قاتل سندس عزيز نڪتا، ذريعن موجب ته قاتل مقتول جا سڳا سئوٽ آھن، 4 ڏينهن اڳ گھر ۾ ستل 24 ورھين جي  ڌڻي بخش ھاليپوٽو کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو هو، ٻي طرف شادي پلي پوليس نوجوان جي والد جي فريادي تي  قتل ڪيس داخل ڪري 2 جوابدارن مشتاق ھاليپوٽو ۽ عطا محمد ھاليپوٽو کي گرفتار ڪري ورتو آھي،  ياد رهي ته مقتول نوجوان جي ھن ھفتي شادي رٿيل ھئي،ونواهه جي رات نوجوان جو لاش سندس گهر مان مليو هو،  جنهن جي انڪوائري ھلندڙ ھئي،ان حوالي سان پوليس موجب ته  گرفتار جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار مشتاق ھاليپوٽو موجب ته آئون مقتول جي مڱيندي سان  محبت ڪندو ھئس، ان ڪري اسان ڌڻي بخش کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو. پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.