اوٻاوڙو/ ريتي (نمائندن وٽان) ڏھرڪي کان ڦر جي واردات ڪري اوٻاوڙو طرف ايندڙ ڏھارين جي اطلاع تي ايگل فورس جي گشتي پوليس پارٽي موٽر سائيڪل سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ھڪ پوليس اهلڪار عبدالرزاق ملڪ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي  تعلقي اسپتال اوٻاوڙو مان فرسٽ ايڊ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو. ساٿي پوليس اهلڪار اختر رند ٻڌايو ته ڊيوٽي دوران اطلاع مليو ته ڏهرڪيءَ کان ڦورو موٽر سائيڪل ڦر ڪري اوٻاوڙو طرف اچي رهيا آهن. ان تي موٽر سائيڪل سوار ڏوھارين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن فائر ڪري ڏني. جھنگل ملڪ وٽ ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪار عبدالرزاق ملڪ سخت زخمي ٿي پيو. اھڙي اطلاع تي ايس ايس پي گھوٽڪي تنور حسين تنيو وڏي پوليس نفريءَ سان جاءِ واردات تي پھچي ويو. پوليس علائقي جي ناڪابندي موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي، جڏهن ته جوابدار ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويا. پوليس نفري ڪمند کي گھيري ۾آڻي ڏهارين جي ڳولا شروع ڪئي. آخري اطلاعن موجب پوليس اٽالا ۽ ڳوٺاڻا ڪمند جي فصل جو گهيرو ختم ڪري واپس روانا ٿي ويا. ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.