ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي ايم ڪارڪن قاضي طاهر کي  قومي ادارن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ماتحت عدالت پاران ٻڌايل عمر قيد واري سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو،  ياد رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت 3 فيبروري 2022ع تي قاضي طاهر کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.