لاهور(م ڊ) ايوان اقبال ۾ پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي نااهلي لاءِ ريفرنس پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ پي تي آءِ جي اميدوار چوڌري پرويز الاهي ڏانهن اماڻيو ويو آهي. اهو ريفرنس آئين جي آرٽيڪل 63 (2) تحت اماڻيو ويو آهي. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته دوست مزاري ايوان اقبال ۾ اجلاس جي صدارت ڪري حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي ان کان اڳ به پنجاب اسيمبلي جي گيلري ۾ غيرقانوي صدارت ڪري چڪو آهي، پوليس سڏائي ۽ تشدد ڪيو. هن پارٽي جي هدايتن جي ابتڙ اجلاس جي صدارت ڪئي. اليڪشن ڪميشن حلف جي پاسداري نه ڪرڻ تي دوست مزاري کي نااهل قرار ڏئي، ريفرنس جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن کي به اماڻي وئي آهي.