ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 69هين ساگرهه 21  جون تي ملهائي ويندي، ان موقعي تي  لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ ڪراچي ٽريفڪ پوليس جا 287 آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز طرفان ڪراچي ٽريفڪ پوليس جي سمورن ايس ايس پيز کي خط لکي هدايت ڪئي وئي ته 7 انسپيڪٽر، 40 نان گزيٽيڊ آفيسر، 40 هيڊڪانسٽيبل ۽ 200 پوليس اهلڪار لاڙڪاڻي اماڻڻا آهن، ا ڄ تائين انهن جا نالا، موبائيل نمبر، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر وغيره اماڻيا وڃن. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته نفري سان پيٽرولنگ ڪارون، پڪ اپس، لفٽرز، ٽوچنگ گاڏيون، موٽرسائيڪلون، ميگا فون ۽  واڪي ٽاڪي ورڪنگ ڪنڊيشن ۾ هجن