ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس مان پ  پ ايم اين اي ڄام  ڪريم بجار ۽ ايم پي اي ڄام اويس سميت 13 جوابدارن جا نالا خارج ڪرڻ ۽ دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي،  شهيد ناظم جوکيو ڪيس جي شاهد ايڊووڪيٽ مظهر جوڻيجو پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس سيشن عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو،  جڏهن ته اي ٽي سي حقيقتن کي نظرانداز ڪيو آهي، مٿان وري ڪيس جو فريادي افضل جوکيو به جوابدارن سان ملي ويو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ناظم جوکيو کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو، انهي واقعي سان هراس پکڙيو،  جوابدار اسيمبلي ميمبر  هجڻ ڪري  بااثر آهن. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ناظم جوکيو قتل ڪيس واپس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏانهن منتقل ڪري دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا وڃن ، جڏهن ته ڄام ڪريم ۽ ڄام اويس کي جوابدار نامزد ڪيو وڃي