پي ٽي آءِ پاران 26 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪمشنر جي رويي خلاف احتجاج جو اعلان

0
276

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پي ٽي آءِ 26 اپريل اڱاري تي سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيسن اڳيان اليڪشن ڪمشنر جي رويي خلاف احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

سڌ سماءُ واري اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ٽويٽ ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪمشنر جي رويي خلاف اسان پي ٽي آءِ جي سمورن ضلعي تنظيمن کي هدايتون جاري ڪيون آهن

هن چيو آهي ته 26 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ الڪيشن ڪميشن جي آفيسن اڳيان الڪيشن ڪمشنر جي رويي خلاف پر امن احتجاج ڪيو ويندو. فواد چوڌري پنهنجي ٽويٽ ۾  #امپورٹڈ_حکومت_نامنظور به هيش ٽيگ ڪيو

ھي به پڙھندا

ملڪ لاءِ جن جي عزت ڪرڻ لازمي آهي اهي به سواليا نشان بڻجي رهيا آهن: شيخ رشيد