عمران خان کان ڪرسي کسجي ته ٻاهري سازش ٿي پوندي آهي: عفت عمر

0
228
چپن جي پلاسٽڪ سرجري ناهي ڪرائي: عفت عمر
چپن جي پلاسٽڪ سرجري ناهي ڪرائي: عفت عمر

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور ميزبان ۽ اداڪاراعفت عمر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد جا تير وسايا آهن. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي بيان ۾ عفت عمر چيو آهي ته فيبروري، مارچ ۽ اپريل واري عمران خان ۾ واضح فرق آهي

هن چيو ته فيبروري ۽ مارچ وارو عمران خان چوندو هو ته آئون دعائي گهري رهيو هئس ته منهنجي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻيو، آئون انهن ٽنهي جون وڪيٽون هڪ بال سان اڏائيندس، جڏهن ته اپريل وارو عمران خان چوي پيو ته مون کي جنوري کان خبر هئي ته آمريڪامنهنجي خلاف سازش ڪري رهيو آهي. ۽ ان ۾ ملڪ جا ماڻهو به گڏ هئا

هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ عفت عمر چيوته عمران خان خلاف ڪا عورت ڳالهائي ته بدڪردار، ۽ مرد ڳالهائي ته غدار. هن وڌيڪ لکيو ته عمران خان خلاف ڪو صحافي ڳالهائي ته لفافو ۽ ادارو ڳالهائي ته ڪرپٽ، عمران خان جي چوري پڪڙجي پوي ته اندروني سازش، ڪرسي کسجي وڃي ته ٻاهرين سازش