ملڪ لاءِ جن جي عزت ڪرڻ لازمي آهي اهي به سواليا نشان بڻجي رهيا آهن: شيخ رشيد

0
271
باپ جو حقيقي باپ به

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ملڪ جي لاءِ جن جي عزت ڪرڻ لازمي آهي اهي به سواليا نشان بڻجي رهيا آهن

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ملڪ جي صورتحال سنگين، پريشان ڪندڙ ۽ ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي، جن کي جيلن ۾ هجڻ گهرجي ها انهن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو پيو وڃي

ملڪ جي لاءِ جن جي عزت ڪرڻ لازمي آهي اهي به سواليا نشان بڻجي رهيا آهن، سامراج جي ايجنٽن پنهنجي مفاد جي لاِ گٽر نالي جي سرن کي تاج محمل ۾ سجائي ڇڏيو

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته قوم ياد رکي ته عمران خان پاران اسلام آباد جي ڪال ڏيڻ حيران ڪري ڇڏيندي، اهڙو سناٽي جي ڊوڙ لڳندي جو پاڪستان جي سڀ کان گهٽ مدت واري هي موجوده حڪومت هوندي

ھي به پڙھندا

پاڪستان خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين:پاڪ فوج جو ترجمان