اوٻاوڙو ڀرسان گم ٿيل نوجوان ۽ نينگر جي اغوا جي تصديق

0
266
اوٻاوڙو ڀرسان گم ٿيل

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان رائونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پٺاڻ خان رند جا رهواسي ٻه ڄڻا هڪ 19 سالا نوجوان محمد لقمان رند ۽ 12 سالا نينگر اصغر علي رند 3 ڏينهن کان لاپتا آهن جي جي وارثن اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي

اغوا ٿي ويل نوجوان جي وارثن غلام رسول رند، فداحسين رند، قطب رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوڙھن پڪن رائونتي لنڪ روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪري، ايس ايڇ او رائونتي غلام عباس سندراڻي کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪندي سخت ناريبازي ڪئي

وارثن جو چوڻ آھي ته 3 ڏنهن کان ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيا آھيون ايس ايڇ او غلام عباس سندراڻي رپورٽ وٺڻ کان انڪاري ڪري رهيو آهي، اسان جي علائقي رائونتي ٿاڻي جي حد ۾ اغوا جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آھن ۽ پوليس ڏوهارين سان ٻٽ ٻڻيل آھي جنهن سبب روز جي معمول مطابق ماڻھو اغوا ٿي رهيا آھن

هنن وڌيڪ چيو ته آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهرڪئي ته اسان جا نوجوان ڏوهارين کان واپس ڪرائي ڏنا وڃن ۽ اسان جي گهر ۾ بيچيني ختم ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

ملير مان هڪ هفتي دوران هڪ ٻي ڇوڪري جي گم ٿيڻ جو انڪشاف