پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن جَي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

0
199
پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن
پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن جَي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن جَي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان، عمران خان جِي سربراهيءَ ۾ اجلاس بعد پريس ڪانفرنس دوران اسد عمر چيو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ ڊرامي جِي تازي قسط اڄ جاري ٿي

اليڪشن ڪميشن رڳو پي ٽي آءِ خلاف فيصلو ڏئي سُپريم ڪورٽ جَي فيصلي جِي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، عوام پُڇڻ چاهي ٿي ته پ پ ۽ نواز ليگ جِي پرڏيهي فنڊنگ بابت رپورٽ ڪٿي آهي؟  اليڪشن ڪميشن پنهنجو مينڊيٽ ۽ اختيار اورانگهي فيصلو ڏنو آهي

شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي فتح ٿي آهي، حڪومت کي منهن ڀر ڪِرڻو پيو، پي ٽي آءِ تي پابندي جِي خواهش پوري نه ٿيندي، عدالت ۾ سمورن سوالن جو جواب ڏينداسين

فواد چوڌري چيو ته عمران خان کي فنڊز ۽ اڪائونٽس جِي ڪهڙي خبر؟ اڪائونٽنٽ چيو سڀ ٺيڪ آهي ته عمران خان اعتماد ڪندي صحيحون ڪيون، پي ٽي آءِ کي اها فنڊنگ سمنڊ پار پاڪستانين ڏني هئي، اڳتي به فنڊنگ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين تي ڀاڙينداسين، هاڻي ٻين پارٽيز خلاف ڪيسن جو به فيصلو اچڻ گهرجي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ تي غيرملڪي فنڊنگ جو الزام ثابت، شوڪاز نوٽيس جاري، عمران خان جو حلفي بيان ڪوڙو آھي: اليڪشن ڪميشن

پرڏيھي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو: اڪبر ايس بابر جو عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو