عمران خان خيرات ۽ علاج جَي نالي تي پئسا وٺي پنهنجي سياست تي خرچ ڪيا: راڻا ثناءُ الله

0
252
شهباز گِل جو بيان طئي

عوام عمران خان جِي سياست ڏسي ورتي، هو دشمن ملڪن مان فنڊز وٺندو رهيو آهي، عمران خان خيرات ۽ علاج جَي نالي تي پئسا وٺي پنهنجي سياست تي خرچ ڪيا

وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته عمران خان بنا جواز چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ڪِريل ٻولي ڳالهائيندو هو، پوءِ به ڪميشن صبر جو مظاهرو ڪيو

آئيني اداري عمران خان جِي رسيدن ۽ مني ٽريل خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ سربراهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪميشن مهر لڳائي ڇڏي ته عمران خان ڪوڙو ۽ جعلسازي آهي، هُن پرڏيهي فنڊنگ سان ملڪ ۾ فتنو برپا ڪيو، وفاقي سرڪار اليڪشن ڪميشن جَي فيصلي تي قانون موجب عمل ڪندِي