اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) اليڪشن ڪميشن 8 سالن کان پوءِ تحريڪ انصاف جي غير ملڪي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اڄ 2 آگسٽ تي ٻڌائيندي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڄ صبح 10 وڳي فيصلو ٻڌائيندي، ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ۾ اليڪشن ڪميشن جو طويل هنگامي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي قانوني ونگ پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي حوالي سان تياري تي حتمي بريفنگ ڏني، چيف اليڪشن ڪمشنر فيصلي جي موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي فول پروف هجڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي، چيف اليڪشن ڪمشنر اها به هدايت ڪئي ته ضرورت پوڻ تي رينجرز کي به اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.  پي ٽي آءِ جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر پي ٽي آءِ خلاف غير ملڪي فنڊنگ ڪيس 14 نومبر 2014ع تي اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪيو هو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته پي ٽي آءِ غير ملڪي بندش پيل فنڊنگ وصول ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ان ڪيس جون 75  ٻڌڻيون ڪيون، جنهن دوران پي ٽي آءِ پاران 30 ڀيرا التوا گهريو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي جوڳي نه هجڻ بابت پي ٽي آءِ 6 درخواستون داخل ڪيون، ان ڪيس ۾ 9 ڀيرا وڪيل تبديل ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن غير ملڪي فنڊنگ ڪيس جي جاچ لاءِ مارچ 2018ع ۾ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن تي ٻڌل اسڪروٽني ڪاميٽي قائم ڪئي، جنهن جا 95 اجلاس ٿيا، اسڪروٽني ڪاميٽي جي رپورٽ 4 جنوري تي جاري ڪئي وئي، ان رپورٽ جا 8 واليومز ڳجها رکيا ويا، جيڪي اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي اڪبر ايس بابر کي فراهم ڪيا ويا،  رپورٽ مطابق پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيل دستاويزن ۾ 31 ڪروڙ رپين جي رقم ظاهر نه ڪئي، اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ مطابق پي ٽي آءِ جا پاڪستان ۾ 26 اڪائونٽ آهن، پر پي ٽي آءِ مڪمل اڪائونٽ سالياني پارٽي گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيا، پي ٽي آءِ کي يورپ، برطانيا، يو اي اي، آسٽريليا ۽ ڪينيڊا مان به فنڊ مليا، اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪاميٽي جي رپورٽ تي ٻڌڻي ۽ دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 21 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ 2 آگسٽ تي ٻڌايو ويندو.

اسلام آباد: اليڪشن ايڪٽ تحت اگر ڪنهن سياسي پارٽي کي پابندي پيل غير ملڪي فنڊنگ وصول ٿي ٿئي ته اها رقم  ضبط ٿي سگهي ٿي ۽ اها پارٽي وفاقي حڪومت جي ڊڪليئريشن ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد ختم به ٿي سگهي ٿي، ان پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل پارليامينٽ، صوبائي اسيمبلي ۽ مقامي حڪومت جا ميمبر باقي مدت لاءِ نااهل به ٿي سگهن ٿا، اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 200 ۾ چيو ويو آهي ته ڪا به سياسي پارٽي غير ملڪي فنڊنگ سان قائم نه ٿي ڪري سگهجي، نه ئي اها غير ملڪي فنڊنگ سان منظم ۽ قائم رهي سگهندي، سيڪشن 204 ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن سياسي پارٽي جو سربراهه سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت ڪنهن غير ملڪي ذريعن سوڌو غير ملڪي حڪومت، ملٽي نيشنل ڪمپني، فرم، تجارتي يا پيشيور ايسوسيئيشن يا غير ملڪي ماڻهن کان فنڊ نه وٺي سگهندو ان تي پابندي لاڳو تصور ٿيندي، بندش پيل ذريعن سان مليل فنڊ حڪومت ضبط ڪري سگهندي، اهي ڪيش، اسٽاڪ يا ڪنهن به صورت ۾ ٿي سگهي ٿي، غير ملڪي فنڊنگ ۾ سمنڊ پار پاڪستاني جيڪي نادرا جا شناختي  ڪارڊ رکن ٿا انهن کان مليل رقم غير ملڪي فنڊنگ تصور نه ٿيندي، سيڪشن 212 ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن پاران موڪليل ريفرنس يا ڪنهن ٻئي ذريعي سان حاصل معلومات مطابق وفاقي حڪومت مطمئن هجي ته سياسي پارٽي کي غير ملڪي فنڊنگ حاصل ٿي آهي ته وفاقي حڪومت نوٽيفڪيشن ذريعي ان پارٽي بابت ڊڪليئريشن جاري ڪندي ان ڊڪليئريشن بعد حڪومت مامرو سپريم ڪورٽ کي موڪليندي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ان سياسي پارٽي خلاف وفاقي حڪومت جي ڊڪليئريشن کي برقرار رکي ٿي ته اها سياسي پارٽي ختم تصور ٿيندي، سيڪشن 213 ۾ چيو ويو آهي ته ختم ٿيندڙ سياسي پارٽي جا نمائندا نا اهل تصور ٿيندا. جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ ۾ غير ملڪي فنڊ حاصل ڪندڙ پارٽي بابت وضاحت ڪندي چيو ويو آهي ته غير ملڪي فنڊ حاصل ڪندڙ پارٽي مان مراد اها پارٽي آهي جنهن کي ڪنهن غير ملڪي حڪومت يا غير ملڪي بندش پيل ذريعن کان کيس امداد  ملندي هجي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سبب سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، پوليس سان گڏ ايف سي جي به اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.