ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف  بلوچستان جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ قائم رليف ڪيمپن ۾ شهرين کي کاڌو ۽ پاڻي نه ملڻ جي شڪايتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقي قلعه سيف الله پهتو، جتي هن ٻوڏ سٽيلن جي ڪيمپ جون حالتون ڄاڻي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو کي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي وزير اعظم لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه ڪيو به اٿوَ يا رڳو ڪاغذي ڪارروائي ٿي رهي آهي، ٻوڏ متاثر پاڻ چئي رهيا آهن ته کين کاڌو پيتو ناهي مليو، جڏهن ته ميڊيڪل جو ڪو به رڪارڊ ناهي. بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم جي حڪمن تي ترت ايڪشن کڻندي ڊي سي، تپيدار ۽ پي ڊي ايم اي ڪيمپ جي انچارج کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ خبردار پڻ ڪيو ته جنهن به ڪيمپ يا متاثر علائقي مان رليف نه پهچڻ جو اطلاع مليو اتي موجود عملدار پاڻ کي معطل سمجهن. وزيراعظم صوبائي حڪمت سان گڏجي متاثرن جي بحالي ۽ آبادڪاري سميت ٿيل نقصان جي ازالي جي خاطري ڪرائيندي چيو ته فوتين جي وارثن کي 20 لک رُپيا ڏئي رهيا آهيون، 10 لک رُپيا وفاقي حڪومت ۽ 10 لک رُپيا صوبائي حڪومت ڏئي رهي آهي، وفاق طرفان 10 لک رُپيا فوري طور ڏنيا ويندا. شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان صوبائي حڪومت سان گڏجي امداد بحالي وارا ڪم ڪنداسين، مڪمل طور تباهه ٿيل گهرن کي 5 لک رُپيا جڏهن ته گهٽ نقصان وارن گهرن لاءِ 2 لک رُپيا ڏنا ويندا. هن چيو ته چيلنج وڏو آهي پر ان جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، بحالي ۽ امداد لاءِ اين ايچ اي جي ڪوششن ساراهڻ جوڳيون آهن، انساني جانين جي نقصان سان گڏ انفرا اسٽريڪچر به تباهه ٿيو، علائقي ۾ ميڊيڪل ڪيمپن جو ڄار وڇايو وڃي، حڪومت قومي جذبي سان بحالي لاءِ پرعزم آهي، آخري گهر جي آباد ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، بلوچستان ايندو رهندس.

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ برستاتي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي موجب ٻوڏ وهڪرن سبب مختلف حادثن ۾ هينئر تائين 47 ٻارن سميت  136 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته برساتن دوران مختلف حادثن ۽ واقعن دوران 70 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. پي ڊي ايم اي رپورٽ موجب برساتن سبب 13535 گهرن کي نقصان پهتو ۽ 3406 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، مختلف ضلعن ۾ 16 پلن ۽ 640 ڪلوميٽر رستن کي نقصان پهتو. پي ڊي ايم اي موجب برساتي ٻوڏ جي وهڪرن ۾ 23 هزار ڍور به لڙهي مري ويا، ٻوڏ وهڪرن سبب 8 ڊيم ۽ ڪيئي حفاظتي بند متاثر ٿيا، جڏهن ته برساتن دوران هڪ لک 98 هزار ايڪڙن تي پوکيل فصلن کي  به نقصان پهتو آھي.