اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس جو پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل جي رهائشگاهه جهنگي سيدان تي ڇاپو، عامر مغل جي گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته پوليس بنا وارنٽ جي گهر ۾ داخل ٿي، گهر ڀاتين تي تشدد ڪيو، عامر مغل جي گهر ۾ عدم موجودگي جي ڪاوڙ ان جي اولاد تي ڪڍي وئي، عامر مغل جي پٽن سعد عبدالله، حسن عبدالله، انس  عبدالله، ڀاڻيجي محمد طلال تي پوليس تشدد ڪيو، فرنيچر جي به ڀڃ ڊاهه ڪئي.