لاهور (م ڊ) ايف آءِ اي جِي عدالت اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي دوست فرح گوگي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، کيس انٽرپول ذريعي گرفتار ڪري ڏيهه آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اشتهار ۾ چيو ويو آهي فرحت شهزادي عرف فرح گوگي کي 30 ڏينهن اندر گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فرح گوگي جاچ کان بچڻ لاءِ پرڏيهه فرار ٿي وئي آهي، ايف آءِ اي اختيارين فرح گوگي خلاف مني لانڊرنگ جا ثبوت هٿ ڪري ورتا آهن.