بيجنگ (م ڊ) چين ڪورونا وائرس جي شروعات کان بند پنهنجون سرحدون پرڏيهي سياحن لاءِ کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين ۾ ڪورونا وائرس کانپوءِ ٽن سالن کان مُلڪ ۾ پرڏيهي سياحن جي اچڻ تي پابندي مڙهيل هئي، جيڪا هاڻي ختم ڪندي پرڏيهي سياحن لاءِ ويزائون بحال ڪيون ويون آهن. بيجنگ طرفان ڪورونا وائرس خلاف ڪاميابي جي اعلان کانپوءِ حڪومت سفري ۽ سياحتي پابندين جي حوالي سان اِهو قدم کنيو آهي. چيني حڪومت 20 مارچ 2020ع کان پرڏيهي سياحن کي ويزائون جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيون هيون جنهن سبب چين جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان رسيو پر هاڻي چيني سرڪار 28 هين مارچ کان سياحن لاءِ ويزائن جي بحالي جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ڪروز شپ ذريعي شنگهائي ۽ هينان ٻيٽ کان ايندڙن لاءِ ويزا فري انٽري جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته هانگ ڪانگ ۽ مڪائو کان ايندڙ سياح به ويزا فري انٽري جي اهل هوندا. ان کانسواءِ يورپ ۾ موجود چيني سفارتخانا ويزا درخواستن جي بحالي جو عمل به جلد شروع ڪندا.