لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪريڪٽ بورڊ ڪرڪيٽرن کي آسٽريليا جي ٽي ٽوئنٽي ليگ بگ بيش ۾ کيڏڻ لاءِ اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڪرڪيٽ جي مشهور ويب سائٽ رپورٽ ڏني آهي ته پي سي بي رانديگرن کي بگ بيش ليگ ۾ کيڏڻ جي اجازت نه ڏيندو. رپورٽ موجب ان انڪار کان علاوه هن ڳالهه جي به وضاحت ٿي وئي آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ليگ جي افتتاحي ايڊيشن ۾ به شرڪت جي اجازت نه ڏني ويندي. گڏيل عرب امارات ليگ لاءِ 2 رانديگرن پي سي بي کي اين او سي لاءِ درخواست ڏني هئي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي، ٻين رانديگرن اهو ڏسي بورڊ سان رابطو ئي نه ڪيو.