راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي اسلام آباد يونائٽيڊ کي 13 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پشاور زلمي ٽاس هارائي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنز ٺاهيون. محمد حارث 5 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 39 بالن تي 79 رنز ٺاهيون، راجاپاڪسا 41 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. اسلام آباد يونائٽيڊ طرفان حسن علي 3، شاداب خان 2، فضل الحق فاروقي، فهيم اشرف ۽ محمد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. اسلام آباد يونائٽيڊ جي ٽيم 19.4 اوورن ۾ 166 رنز تي ڍير ٿي وئي. فهيم اشرف 38، رحمت الله گربيز 33 ۽ ڪپتان شاداب خان 25 رنز ٺاهي نمايان رهيا. پشاور زلمي طرفان خرم شهزاد ۽ صوفيان مقيم 3-3، عامر جمال ۽ جيمز نيشم 2-2 وڪيٽون ورتيون.