سوال/سروي … حڪومت کي ئي ٿرڊ پارٽي هلائي رهي آهي، هي ته رڳو امتحان آهن: عوام امتحان ٿرڊ پارٽي ذريعي ڪرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

0
211

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾تعليمي بورڊن جا امتحان ٿرڊ پارٽي ذريعي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پنڊي جي نجي ڪمپني کي ڏيڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، اهڙي عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن ان عمل جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته تعليم کي بهتر بڻايو وڃي، هر دفعي تعليم کي بهتر بنائڻ لاءِ تجربا ئي ٿيندا رهيا آهن. هي تجربو به اهڙن تجربن جو ئي تسلسل آهي، ڪاپي ڪلچر ختم ڪيو وڃي، ڪجهه ماڻهن اهڙي عمل جي آجيان به ڪئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته اگر ائين ٿيو ته ڪير به پاس نه ٿيندو ائين ٿيڻ سان تعليم ۾ بھتري ايندي پر اوچتو ائين نه ڪرڻ کپي پھرين استادن کي پابند ڪري شاگردن جي حاضري کي يقيني بڻائي پوءِ ايندڙ سال ائين ڪيو وڃي ته ڪجھه نتيجا ملي سگھن ٿا، يوسف جميل لکيو ته هر دفعي تعليم کي بهتر بنائڻ لاءِ تجربا ئي ٿيندا رهيا آهن. هي تجربو به اهڙن تجربن جو ئي تسلسل آهي. باقي ڪم ساڳي ئي نموني سان هلندو ۽ ڏوڪڙن عيوض مارڪون وٺڻ وارا ٿرڊ پارٽي تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا. ڪو مطمئن ڪندڙ نتيجا ڪونه ملي سگهندا، فاروق احمد لکيو ته ڪهڙي اسڪول ۾ ٻار ويچارا پڙهيا آهن ته هاڻي وري اهي امتحان ڏيندا ، هي ڪوڙي سچي ڊگري اها به حڪومت ويچارن کان کسي ڇڏي، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان ڀلي ٿرڊ پارٽي حوالي ڪيا وڃن پر پنجاب جي ڪمپني حوالي ڪرڻ سنڌ جي اھليت ته سواليه نشان آھي ڇو ته سنڌ اندر معياري ادارا موجود آھن امتحان وٺڻ جو ڪم انھن حوالي ڪيو وڃي، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته ھي ڪا راند ناھي پر تعليم آھي جنھن ۾ بار بار نئوان تجربا ڪري شاگردن کي ڪاپي نه ڪرڻ لاءِ ڍيجاريو وڃي ٿو پر تعليم جي سڌاري لاءِ ڪنھن کي به فڪر ناھي سڀ پنھنجا کيسا ڀرڻ ۾ پورا آھن، محمد فياض وساڻ لکيو ته سنڌ جي آفيسرن کي سڌارن پنھنجي ڪرپٽ بورڊ جو نظام ٺيڪ ڪن صرف پئسو ڪمائڻ جو نئون طريقو ٺاھيو ويو بس عوام روڊ ن تي نڪري، ثناءُالله چنا لکيو ته جيڪڏهن ٿرڊ پارٽي کان پيپر وٺرائن ٿا ته ڇا اهي پئسن تي مارڪون ڏيندا هنن کي تعليم بهتر ڪرڻي آهي ته آءِ بي اي يا آغا خان جهڙن ادارن کان پيپر ڪرائن باقي اين ٽي ايس يا پي ٽي ايس جهڙن ادارن جي مئرٽ جي سڀني کي خبر آهي برحال تعليم جي بهتري لاءِ اهو سٺو عمل آهي، طارق باجڪاڻي لکيو ته امتحان اختيار ٿرڊ پارٽي حوالي ڪرڻ کان بھتر آهي ته سڄو تعليمي نظام ڪنهن ساک رکندڙ اداري حوالي ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو، غلام علي ٻجورو لکيو ته تعليم ۾ روز نوان تجربا سمجھه کان ٻاهر آھن، سڀ کان پهريون ڪم تعليمي نظام ۽ تدريس کي سڌارڻ جو آھي .ڀلا رڳو اهو ٻڌائين ته ڇا سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مستقبل جي معمارن کي سڀ سهولتون ميسر آھن؟ حسيني آصف علي لکيو ته سرڪاري طور تي تعليمي بورڊن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ بجاءِ اهڙو عمل سنڌ جي تعليمي نظام کي سراسر تعصب پرستي جي حوالي ڪرڻ آهي، راسومل لکيو ته بس عوام روڊ ن تي نڪري، ذوالفقار علي آدماڻي لکيو ته اھو غير قانوني ڪم آھي، نجيب الرحمان شر لکيو ته ڪاپي سينٽر تي ٿيندي ٿرڊ پارٽي کان ڳالھه گهڻي آهي، حاجي جکرو لکيو ته سنڌ ۾ مافيا کي منظم ڪرڻ جي اھا ھڪ ڪامياب ڪوشش آهي. الهڏنو راهمون لکيو ته ٿرڊ پارٽي کان روز مره جي تدريسي تعليمي نظام جي بھتري جو نظام جوڙايو. علي گوهر سومرو لکيو ته پارٽي ڪهڙي به امتحان ڪرائي پر فائدو وري به امير کي ٿيندو، اعجاز خاصخيلي لکيو ته باقي پنڊي وارا اھي وري گھٽ ڌاڙيل ھوندا افسوس سنڌ حڪومت جيڪي اھڙي تجويز ڏين ٿا تعليم جي وزير کي يا وزيراعليٰ کي، سنڌ جي آفيسرن کي سڌارن پنھنجي ڪرپٽ بورڊ جو نظام ٺيڪ ڪن، عبدالحئي ساوند لکيو ته منهنجي خيال ۾ هي لاڀائتو فيصلو ثابت ٿي سگهي ٿو جي اگر ان ۾ رشوت خوري ۽ سفارش وارو ڪلچر نه رهيو ته تمام بهتر نتيجا اچي سگهن ٿا، ياسين شر لکيو ته وري به بورڊ پئسي وارن جي ماتحت ھوندا . بھرحال ، چڱو فيصلو . غريب وٽ اگر پئسو ناھي ته پڙھي ته صحيح، ڊاڪٽر امير علي خاصخيلي لکيو ته سڄي معاشري کي ڪرپشن اھڙو کائي وئي آهي جو ڪو ايماندار ماڻهو ملڻ اڻلڀ ٿي ويو آهي، رهي ڳالهه ته پنجاب جي ڪا پارٽي ته اھي وري ڪھڙو مٿان لھي آيا آهن، اسان کان به وڌيڪ ڪرپٽ آهن، بس ڪنهن کي نوازڻون ھوندو، منهنجي صلاح ۾ امتحانن جو سسٽم ختم ڪري جنرل پروموشن ڪيو باقي يونيورسٽي ۾ سخت قسم جي ٽيسٽ ورتي وڃي، بس جان ڇٽي وڃي، احسان علي چانڊيو لکيو ته هر دفعي سنڌ جي تعليم تي تجربا ڪيا پيا وڃن اتي ڪامورن جي پرسنٽيج ٺھندي، شبير احمد سهتو لکيو ته اھا بھترين شي آهي ھن ۾ بورڊ وارن جون من مانيون ختم ٿينديون، نور حسن بلوچ لکيو ته منهنجي خيال ۾ هي فيصلو تمام بهترين ثابت ٿيندو،ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪاپي ڪلچر ختم ٿي ويندو استاد پنهنجي محنت سان پڙهائيندا ۽ رشوت وارو روزگا ختم ٿيندو، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته صرف تجربا ئي ٿيندا تعليم جي نظام ۾ بهتري نه ايندي صرف نوجوانن جو نقصان ٿيندو رهندو بائيوميٽرڪ کان پوءِ تعليم کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي تبديلي ڪري ڪرپشن جو سسٽم وڌائيندا رهندا، نور نويد کوڙ لکيو ته ھنن کي گھرجي ته پھريان پڙھائڻ دوران استادن کي پابند ڪن پڙهائي ٽڪي برابر نه ٿي ٿئي اگر سختي ٿيندي ته شاگرد فيل ئي ٿيندا، راجا اظهر الدين لکيو ته پھرين ماستري نظام ٺيڪ ڪن، جي آر چانڊيو لکيو ته اھو عمل نه پر سازش آهي اھڙي سازش کي رد ٿو ڪجي،  محمد سليمان مهيسر لکيو ته ٿرڊ پارٽي ميٽرڪ ۽انٽر جا امتحان ڀلي وٺي ان جي لاءِ سال 2024 کان آغاز ڪيو وڃي ڇو ته ھن وقت جلدبازي ۾ اهڙو فيصلو ڪافي شاگردن جي لاء ڪارائتو ثابت نه ٿيندو، آفتاب مهيسر لکيو ته سنڌ حڪومت جو تمار بھترين ۽ ڪارائتو فيصلو آھي ان سان سنڌ جي تعليم ۾ تمام وڏي حد تائين بھتري ايندي ۽ ٻار بھتر انداز ۾ پڙھندا، زوار نديم لکيو ته حڪومت ئي ٿرڊ پارٽي ٿي ھلائي ،ھي ته امتحان آهي، شڪيل احمد لکيو ته ڪاپي ڪلچر روڪڻ لاءِ اھڙا اثرائتا قدم کڻڻ گھرجن، ذيشان خان لکيو ته بهترين ڪم آهي، انيس خان جلباڻي، نادر علي سيال لکيو ته بهترين فيصلو آهي، حبيب الله کوڙ لکيو ته سڀ کان پھرين پڙھائي کي بهتر ڪيو وڃي، عديل احمد ميمڻ لکيو ته ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان ٿرڊ پارٽي ذريعي ٿيڻ گهرجن بهتر عمل آهي، ان عمل سان ڪاپي ڪلچر جي نقصان کان بچي سگهجي ٿو، پر سڀ کان پهريان اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مالڪي ڪري، شاگردن کي سٺو تعليمي ماحول، استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ، سميت ٽيڪنالاجي جا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏوگڏ پرائمري ۽ مڊل ليول تي شاگردن ۾ ناپاس جو نظام لاڳو ڪرڻ سميت پرائمري ۽ مڊل ليول جي پڙهائي کي معياري بڻايو وڃي، اي ڊي شر، علي گل ڏيٿو به سروي ۾ حصو ورتو، مير حسن مري لکيو ته امتحاني سسٽم مڪمل تباھ ٿيل آھي ، ان ۾ ان طريقي سان به بھتري نه ايندي، ھن وقت تعليم جي سسٽم ۾ وڏيون تبديليون ضروري آھن ، انھن تبديلين کان سواء امتحان تي سختي ڪرڻ جو ڪو فائدو نه آھي ، حڪومت کي خبر آھي ته بورڊن ۾ ڪرپشن آھي ته پوءِ انھن بورڊن جي ڪھڙي ضرورت، امتحان استادن جي حوالي ڪيو وڃي، گريڊن کي ختم ڪري پاس تائين رکيو وڃي ، جيڪو به اڳتي داخلائون وغيره آھن اھي انٽري ٽيسٽ تي رکيو وڃي، ڪامران علي لکيو ته بس پوء سنڌ حڪومت سنڌ مان سڀ ڪامورا ڊيوٽين تان لاهي ڇڏي، جنيد زرين لکيو ته ائين ڪرڻ سان سنڌ جي رھيل سھل تعليم تباه ٿي ويندي.عبدالهادي لکيو ته تجربا ڪندي اسان تعليمي نظام کي بهتر بنائڻ جي بجائي اسان تعليمي نظام کي مافيائن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي هي تجربو ته بلڪل ناڪام ويندو، فهد سنڌي، حاجي خان پنهور، محمد اويس، نارائڻ داس، نثار احمد، مجيب مهر، لال بخش بوزدار، عرض سوڍڙو، عمر باغي، ڪاشف بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، محمد حسين لکيو ته هني مان ثابت ٿي پيو سنڌ حڪومت نڪام ٿي چڪي اهي تڏهن اهڙو فصلو ڪيو آهي، قادر بخش زئور لکيو ته رڳو تجربا ٿي رھيا آھن،نادر علي جوڻيجو لکيو ته رشوت جو ھڪڙو ايڪسٽرا دروازو کوليو پيو وڃي، ايم اعجاز سومرو لکيو ته اهو صرف پئيسو ڪمائيڻ جو نئو طريقو ٺاهيو ويو، مير مور رند، ابراهيم مخدوم، تلسيم چانڊيو، قادري عبدالرزاق به سروي ۾ حصو ورتو،  اعجاز خاصخيلي لکيو ته سنڌ جو نصاب الڳ آھي پنجاب جو نصاب الڳ آھي جيڪي پيپر چڪ ڪندا آھي ڇا ڪندا سڀ فيل يا سڀ پاس، گلزار ٽالپر، ڀيشم آساڻي، شهباز ٻجورو، فياض حسين، بشير ميراڻي، صديق احمد، ابراهيم مهيسر، اسلم سمون، ساگر علي رضا، مشرف خان مهر، نور زمان ڪاتيار، محمد علي، عبدالسميع ميمڻ، ظفر رند، محمد موسيٰ کٽي، انور علي به سروي ۾ حصو ورتو.