راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز جي عبدالله شفيق چيو آهي ته پي ايس ايل هميشه بالرن سبب مشهور رهي آهي پر هن سيزن ۾ مونکي لڳي ٿو ته بالرن جو ڪامبينيشن نه بڻجي سگهيو جنهن سبب بيٽرز کي فائدو ٿي رهيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي تي وڌيڪ فوڪس اسٽرائيڪ ريٽ تي ڪرڻو پوندو آهي ڪوشش هوندي آهي ته اسٽرائيڪ کي تبديل ڪندا رهون، هن چيو ته منهنجو سمورو ڌيان پي ايس ايل جي رهيل ميچز تي آهي ته اسان کي انهن ۾ سٺو پرفارم ڪرڻو آهي. هن چيو ته پي ايس ايل ۾ پاڪستاني بيٽرز سٺو کيڏي رهيا آهن پر پرڏيهي رانديگر ٿورو وڌيڪ سٺو کيڏي رهيا آهن جيڪو گهڻو نظر اچي رهيو آهي، رانديگر جي حيثيت سان اسان جي بس اها ڪوشش هوندي آهي ته سٺو کيڏئون ۽ بهتر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريون.