ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ڪراچي کي 63 رنسن تان هارائي ڇڏيو، ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، اعظم خان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي رڳو 42 بالن تي 8 ڇڪن جي مدد سان 97 رنسون ٺاهيون، اسلام آباد يونائٽڊ مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽون وڃائي 220 رنسون ٺاهيون جواب ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي پوري ٽيم 157 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪوئيٽا جا پرڏيهي رانديگر جيسن راءِ، مارٽن گپٽل، ول سميڊ ۽ ايڊرين سمٿ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا..