ٽنڊو ڄام( رپورٽ: مبين مگسي) پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻن مخلتف سياسي شخصيت کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي، آچر تي علي زيدي جي اڳواڻي ۾ وفد ن ليگ جي اڳوڻي سينٽر راحيلا گل مگسي جي گهر پهچندو. رپورٽ موجب پي ٽي آٰءِ سنڌ جي اڳواڻن پارٽي ۾ مختلف سياسي شخصيتون کي شامل ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. مليل ڄاڻ موجب پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ علي زيدي جي اڳواڻي ۾ وفد ايندڙ آچر تي راحيلا گل مگسي جي رهائش گاهه پهچندو. رابطي ڪرڻ تي ن ليگ جي اڳوڻي سينٽر راحيلا گل مگسي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ۾ شموليت نپئي ڪريان علي زيدي فون ڪري چيو ته توهان جي چانھ پيئڻي آهي، هن چيو ته کيس چيم چانهه لاءِ سو دفعا اچو، پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شموليت نپئي ڪريان. هن چيو ته ڏسو ملڪ جون حالتون ڪهڙي پاسي ٿيون وڃن، شموليت ڪندس ته سڀني گروپ جي ساٿين کي اعتماد ۾ وٺي ڪندس. هوڏانهن پي ٽي آءِ جي اعتبار جوڳن ذريعن جي دعوي آهي ته پيپلزپارٽي جو وزير رهندڙ شخص به پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن جي جلد پريس ڪانفرنس رٿيل آهي. ذريعن موجب سنڌ جي ٻين اهم شخصيتن جا به پي ٽي آءِ ۾ شموليت جا امڪان آهن .ٻئي طرف پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت خانڳڙھ پهچي مهر گروپ سربراهه ۽ جي ڊي اي ايم پي اي علي گوھر مهر سان اهم ملاقات ڪئي. اڳوڻو وڏو وزير لياقت جتوئي، پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر علي زيدي، شير محمد رند ۽ ٻيا اڳواڻ خانڳڙهه جي گوهر پيلس پهتا، جتي هنن جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر خان مهر ۽ سندس پٽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر سان ملاقات ڪئي. مليل ڄاڻ موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ علي گوهر خان مهر وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھه ۽ صلاح مشورا ڪيا ۽ مختلف معاملن سميت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سنڌ جي دوري بابت پڻ ڳالھه ٻولھه ڪئي وئي آهي.