پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 10 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان

0
233
پيٽروليم شين جي قيمتن
پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 10 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان

ايندڙ مهيني جي شروعات ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 10 رپيا تائين واڌ جو امڪان آهي

صنعت ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي

ذريعن موجب پهرين فيبروري کان ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته قيمتن ۾ ڦيرڦار يا ٽيڪسن ۾ تبديلي جي ڪري حتمي قيمت 30 جنوري تائين طئي ڪئي ويندي