گيهه، ٽماٽن ۽ ٿوم سميت 17 شيون مهانگيون ٿي ويون، هفتيوار رپورٽ جاري

0
300
گيهه، ٽماٽن ۽ ٿوم سميت 17 شيون مهانگيون ٿي ويون
گيهه، ٽماٽن ۽ ٿوم سميت 17 شيون مهانگيون ٿي ويون، هفتيوار رپورٽ جاري

شماريات واري بيورو مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

شماريات واري بيورو موجب هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح 0.11 سيڪڙو گهٽجي 18.62 سيڪڙو ٿي وئي جڏهن ته گهٽ آمدني وارن لاءِ اها شرح 20.24 سيڪڙو رهي

شماريات واري اداري موجب هڪ هفتي دوران 17 شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، جنهن ۾ ٽماٽو 18 رپيا 53 پئسا ۽ ٿوم 13 رپيا 55 رپيا في ڪلو مهانگو ٿيو

مڇي جي قيمت ۾ 2 رپيا 45 پئسا في ڪلو، دال جي قيمت ۾ 1 رپيا 92 پئسا في ڪلو ۽ ماس جي قيمت ۾ 2 رپيا 75 پئسا في ڪلو، دال جي قيمت ۾ 1.54 رپيا ۽ مونگ جي قيمت 0.68 پئسا في ڪلو ٿي وئي

شماريات واري بيورو موجب گھي جي سراسري اگهه ۾ 75 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في ڪلو گهي جو سراسري اگهه 5 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.

5 ليٽر ڪوڪنگ آئل جي سراسري قيمت 2 ھزار 85 روپيا 42 پئسا ٿي وئي آھي

شماريات جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي دوران 8 شين جا اگهه سستا ۽ 26 شين جا اگهه مستحڪم رهيا. جيئري ڪڪڙ 3 روپيا 20 پئسا في ڪلو،بيضا 3 رپيا 83 پئسا في درجن سستا ٿي ويا جڏهن ته 200 گرام ڳاڙھي مرچ جو اگهه 25 رپيا 85 پئسا گھٽتائي ٿي ۽ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ ھڪ روپيو 5 پئسا گهٽتائي ٿي وئي