پير وسڻ (ن پ ا) پير وسڻ شھر ۾ گذريل رات دير سان بس ۽ ٽرڪ وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ 17 سالن جو ڪامران علي ولد سينگار علي (دنڌڻ) ابڙو، مطيب سولنگي ۽ زاهد علي (دنڌڻ) ابڙو زخمي ٿي پيا، جن کي پيروسڻ پوليس کڻائي تعلقي اسپتال ٺري ميرواھ پهچايو، جتي ڊاڪٽرن هڪ ڄڻي ڪامران عليءَ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ضروري ڪارروائي بعد فوتي نوجوان جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو. معلوم ٿيو آھي ته حادثي جو شڪار ٿيل خاندان روھڙيءَ ۾ عاشوري بعد ڪراچي وڃي رھيو هو. هوڏانهن ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.