جروار (ن پ ا)جروار پوليس ڪنڊير مائينر يارو لنڊ لنڪ روڊ تي ڪارروائي ڪندي جوابدار محمد عالم ولد سوڍو بوزدار کي مبينا مقابلي بعد گرفتار ڪري ورتو. پوليس جوابدار وٽان بنا لائسنس پسٽل ۽ چوري ٿيل 4 ٻڪريون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ايس ايس پي گهوٽڪي جي پريس پڌرائي مطابق گرفتار جوابدار جا 4 ساٿي اختر بوزدار، ياسين ملڪ، حنيف لنڊ ۽ هڪ نامعلوم فرار ٿي ويا، جڏهن ته گرفتار جوابدار کي جروار ٿاڻي تي لاڪپ ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.