مانجهند (ن پ ا) مانجهند ڀرسان سنڌو درياء ۾ وهنجندي پير ترڪڻ سبب 5 ورهين جو نينگر اسد علي کوسو ٻڏي ويو، ٻڏي ويل نينگر کي سندس والد بروقت درياھ مان ڪڍي تعلقي اسپتال مانجهند آندو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان کان پوء نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته لاش گهر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو گهر جا ڀاتي روئي بي حال ٿي ويا. فوتي نينگر پنهنجي والد مولا بخش سان گڏجي ٻني تي ويو جنهن دوران سنڌو درياء ۾ وهنجڻ لاء لٿو ته پير ترڪڻ سبب وڏي پاڻي ۾َ ٻڏي ويو.