حيدرآباد: پوليس پاران مقابلي ۾ زخمي ڪيل نوجوان عامر چنا جي ڀاءُ شهمير چنا جو چوڻ آهي ته 15 سيپٽمبر جي رات بلديا پوليس گهر تي ڪاهه ڪري ڀاءُ کي کنڀي 125 موٽرسائيڪل به ڪاهي وئي. ڀاءُ کي آزاد ڪرڻ لاءِ انهن ڪوشش ڪئي پر پوليس کين اهو به نه ٻڌايو ته سندن ڀاءُ کي ڪٿي قيد ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن صبح جو کين ميڊيا ذريعي معلومات ملي ته سندن ڀاءُ کي بلديا پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته ايس ايڇ او بلديا ضياد علي نوناري بيگناهه سندن ڀاءُ کي گوليون هڻي اپاهج بڻايو آهي. سندن ڀاءُ کي پير ۾ گوليون هنيون ويون آهن ۽ رت نه بيهڻ سبب حيدرآباد مان علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس خلاف اڄ عدالت سان رجوع ڪندا.