ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئشن جي اڳواڻن سيد طارق شاهه، سيد شهزاد اختر ۽ ٻين چتاءُ ڏنو آهي ته خانگي اسڪول واري ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر سلمان رضا  کي هٽايو نه ويو ته صوبي جا 15 هزار کان وڌيڪ خانگي اسڪول بند ڪيا ويندا، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي  هنن چيو ته ڊي جي خانگي اسڪولز نااهل آفيسر آهي، جنهن خانگي اسڪولن جي انتظاميا ۽ استادن خلاف گٿا لفظ استعمال ڪيا آهن، هو شاگردن جي والدين ۽ اسڪول انتظاميا کي ويڙهائڻ چاهي ٿي ، روزانو نوان نوٽيفڪيشن جاري ڪري بعد ۾ وري انهن کان لاتعلقي جو اعلان ڪري اسان  سڀني لاءِ مسئلا پيدا ڪري ٿو، جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ وڃون ٿا ته هو بدتميزي ڪري ٿو، هن اسڪول سيل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن، اهڙيون وڊيوز ۽ آڊيو رڪارڊنگس موجود آهن، هنن چيو ته ڊي جي کي هٽرائڻ لاءِ تعليم واري وزير سان ملاقات ڪئي ويندي، ڊي جي نه هٽيو ته  خانگي اسڪولن ۾ هڙتال ڪئي ويندي،