ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران علي کوسو) پوليس به غيرمحفوظ! ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل  ايس ايچ او کي اغوا ڪري ويا، 18 ڪلاڪن بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾  ڪنڌڪوٽ شهر ۾ عام ماڻهن جي اغوا ٿيڻ بعد هاڻ پوليس عملدار به غير محفوظ بڻيل آهن، ان ڏس ۾ ڌاڙيلن پاران ڪچي جي دراني مهر ٿاڻي جي ايس ايچ او ممتاز سومرو کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا. ايس ايچ او جي اغوا ٿيڻ جي خبر ميڊيا ذريعي عوام کي پئي ته شهري پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ اهڙي صورتحال کان پڻ پوليس اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي رهي،جڏهن ته ايس ايچ او جي اغوا ٿيڻ جي 5 ڪلاڪن بعد پوليس تصديق ڪئي ته ايس ايچ او دراني مهر ممتاز سومرو کي ڌاڙيلن ڪچي طرف ويندي اغوا ڪري ويا آهن. ٻي طرف 18 ڪلاڪن بعد پوليس ايس ايچ او دراني مهر ممتاز سومرو کي مقابلي بعد ڌاڙيلن وٽان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان  ڊي ايس پي يار محمد رند ٻڌايو ته ايس ايچ او ممتاز سومرو کي ڏوهارين سان مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي، هن چيو ته ڪچي ۾ ايس ايچ او جي اغوا ٿي وڃڻ بعد اي پي سي چين ۽ بڪتربند گاڏين ذريعي آپريشن ڪري بازياب ڪرايو آهي. ڊي ايس پي موجب ته پوليس کي ڏسي ڏوهاري ايس ايچ او کي ڇڏي فرار ٿي ويا. ٻي طرف ذريعن موجب ته  ايس ايچ او دراني مهر ممتاز سومرو پاڻمرادو ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي دعوت کائڻ لاءِ ويو هو، جتي ڏوهارين کيس اغوا ڪري ويهاري ڇڏيو هو، ۽ 18 ڪلاڪن بعد راڄوڻي ڪوشش توڙي تر جي چڱن مڙسن جي ٽياڪڙي بعد کيس آزاد ڪيو ويو.  هوڏانهن شهر ۾ هڪ نينگر سيد صدام شاهه، امان الله ڀٽي سميت 4 ڄڻا ڏوهارين جي چنبي ۾ قيد آهن، جن جي بازيابي لاءِ به پوليس ڪو کڙ تيل نه ڪڍي سگهي ۽ مغوين جا وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿيل آهن.