اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) روس کان حڪومتي سطح تي 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جي پڌرائي موجب روس کان نومبر کان جنوري تائين 372 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي حساب سان ڪڻڪ درآمد ڪئي ويندي. اي سي سي پيٽروليم شين تي ڊيلرز جو منافعو 6 رپيا في لٽر ڪرڻ جي به منظوري ڏني، ڊيلرز جو منافعو وڌائڻ جو فيصلو ان وقت لاڳو ڪيو ويندو جڏهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. اي سي سي چيو ته سي پيڪ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پراجيڪٽ جو پاور پرچيز معاهدو مالي بندش کانسواءِ منظور ڪيو ويو آهي، معاهدي جي منظوري آگسٽ 2019ع کان ٿي آهي. اي سي سي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاور پرچيز معاهدي جي منظوري سان ٽيرف تي اثر نه پوندو. سي پي پي اي انرجي ريوالنگ فنڊ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان اڪائونٽ کولڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.