پوليس اھلڪارن طرفان سوشل ميڊيا جو غلط استعمال: آءِ جي سنڌ طرفان ڪارروائي جي وارننگ جاري

0
844
آءِ جي سنڌ مشتاق مهر طرفان ٽيون ڀيرو سکر پهچي پريا ڪماري ڪيس بابت پوليس آفيسرز سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس اھلڪارن طرفان سوشل ميڊيا جو غلط استعمال، آئي جي سنڌ ڪارروائي جي وارننگ ڏئي ڇڏي، وارننگ ۾ چيو ويو آھي تھ اھلڪار سوشل ميڊيا جو غيرذميواراڻو ۽ غيرمناسب استعمال ڪن ٿا، جيڪو قابل ڏوھ به آھي، اھلڪار اڻ تصديق ٿيل ۽ گمراھ ڪندڙ ڄاڻ فيسبڪ، ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام توڙي ٻين سائيٽن تي شيئر ڪن ٿا، آءِ جي سنڌ جو چوڻ آھي تھ اھلڪار سياسي ويووز به سوشل ميڊيا تي ھلائين ٿا، جيڪو غيرذميوارڻو ۽ غيرمناسب آھي، جيڪڏھن ڪو به اھلڪار سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۾ ملوث نڪتو ته سندس خلاف سخت ڊسيپلينري ايڪشن کنيو ويندو.