ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس انسپيڪٽر جي بينڪ اڪائونٽ ۾9 ڪروڙ 99 لک اچي ويا، پوليس آفيسر جي ايف آءِ اي  کي شڪايت، ان ڏس ۾ بھادر آباد ٿاڻي جو ايس آءِ او انسپيڪٽر عامر گوپانگ  بينڪ اڪائونٽ ۾ 9 ڪروڙ 99 لک اچڻ بعد پريشان ٿي ويو، هن پئسن بابت بينڪ ۽ ايف آءِ اي کي شڪايت ڪري ڇڏي، عامر انور گوپانگ موجب ڪجهه ڏينھن کان منھنجو بينڪ اڪائونٽ معطل ڪيو ويو ھو، پگھار چيڪ ڪرڻ ۽ اڪائونٽ کولرائڻ لاءِ بينڪ پھتس، جواب ڏنو ويو ته اوھان جي ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ  بعد اڪائونٽ بند ڪيو ويو آھي. شڪايت ڪرڻ تي اڪائونٽ کلڻ بعد ان ۾ 9ڪروڙ 99 لک رپيا پيل هئا، بينڪ انتظاميه انهن پئسن بابت ڪو جواب نه ڏنو، مون  بينڪ انتظاميه ۽ ايف آءِ اي کي خط لکيو آھي