جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميران بخش ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ ڪهاڙين جا وار ڪرڻ بعد بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ناٺي طالب حسين مرھيٽو ۽ پنهنجي نُنهن ڪزبانو زال شهباز کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي کڻائي سول اسپتال آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتول طالب حسين جي ڀاءُ واحد بخش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀاءُ کي سهرو عطر خان جيڪو اسان جو چاچو به ٿئي هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي گهر وٺي ويو، ڪالهه پنهنجي ننهن ۽ ڀاءُ کي قتل ڪري ڪارنهن جو الزام مڙهي ڇڏيو آهي. پوليس موجب جوابدار عطر خان ڪارنهن تھمت مڙهي پنهنجي ناٺي ۽ ڀائيٽي طالب حسين پنهنجي نُنهن ۽ ڀائيٽيءَ ڪزبانو کي ڪهاڙين جا وار ڪرڻ بعد بندوق جون گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي.  جوابدار واردات ڪرڻ کان پوءِ موقعي تان فرار ٿي ويو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. جوابدار عطر خان مقتول ۽ مقتولڻ جو چاچو آهي جڏهن ته جوابدار ٻنهي مقتولن جو سهرو به ٿئي جوابدار عطر پنهنجي ناٺي مقتول طالب حسين کي هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ پُنهل خان کان ڳوٺ ميران بخش ۾ پنهنجي گهر وٺي آيو جتي رات ترسائڻ بعد صبح جو نُنهن کي قتل ڪرڻ بعد نوجوان کي به قتل ڪري ڇڏيو آهي. صدر ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي 302/311 قلم تحت جوابدار عطر خان، جوابدار شهباز ۽ جوابدار شاهد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس واردات ۾ استعمال ٿيندڙ ڪهاڙي به پڻ هٿ ڪري ورتو آهي پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.