اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پولنگ ايجنٽ ۽ اليڪشن ايجنٽن جو تڪ سان تعلق لازمي قرار ڏيڻ بابت اليڪشن ڪميشن رولز ۾ ترميم جي حوالي سان ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته منهنجي راءِ آهي ته اليڪشن ايجنٽ بيشڪ تڪ کان ٻاهر جو هجي پر پولنگ ايجنٽ ته تڪ جو هجڻ ضروري آهي، پولنگ ايجنٽ ۽ اليڪشن ايجنٽ جو لاڳاپيل تڪ سان تعلق لازمي قرار ڏيڻ بابت اليڪشن ڪميشن رولز ۾ ترميم جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ترميم تي اعتراضن تي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي آءِ جي وڪيل عابده بخاري چيو ته هي ترميمي رولز آئين جي ڀڃڙي آهن، جيڪڏهن آئون ڪنهن تڪ سان تعلق رکان ٿي،  جتي مخالف پارٽي مضبوط آهي، ان علائقي ۾ مخالف پارٽي جا ماڻهو منهنجي گهر ڀاتين، رشتيدارن کي سڃاڻندا هوندا، علائقي ۾منهنجي جان کي خطرو ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن علائقي ۾ عورتن جي تعليم گهڻي ناهي ته ڪيئن ان علائقي مان پولنگ ايجنٽ ڳوليا ويندا، اها آئين ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ايجنٽ اهڙو هجي جنهن کي تڪ وارا نه سڃاڻيندا هجن، اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته توهان ايڏي وڏي چونڊ وڙهڻ وڃي رهيا آهيو، پر توهان وٽ علائقي جا ووٽر ناهن جيڪي پولنگ ايجنٽ ٿي سگهن، اسان جو مقصد اهو هو ته پولنگ ايجنٽ علائقي جي ماڻهن کي سڃاڻي سگهي ٿو، ڪو غلط ماڻهو نه اچي ان لاءِ لازمي آهي ته پولنگ ايجنٽ ان تڪ جو هجي، عابده بخاري چيو ته اميدوار ته ڪنهن به تڪ مان اليڪشن وڙهي سگهي ٿو، رول ۽ قانون مان قانون غالب ايندو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته منهنجي راءِ آهي ته اليڪشن ايجنٽ بيشڪ ٻاهران جو هجي پر پولنگ ايجنٽ ته تڪ جو هجڻ ضروري آهي، جماعت اسلامي جي طرفان سيف الله گوندل پيش ٿيو ۽ چيو ته ان ترميم تي اعتراض آهي، نون رولز سان ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊون متاثر ٿي سگهن ٿيون، سياسي جماعتون پولنگ ايجنٽن جي حوالي سان تياري ڪري چڪيون آهن، جيڪڏهن تمام ضروري آهي ته انهن ترميمن کي ايندڙ چونڊن لاءِ لازمي ڪيو هاڻي جي لاءِ نه ڪيو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ايڪٽ ۾ اهو نه لکيو ويو ته ڇا رولز ۾ ان کي شامل ڪري سگهجي ٿو، ڊي جي لا چيو ته اليڪشن ڪميشن کي هر رول ۾ ترميم جو اختيار آهي، اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته رول جي ترميم جو ايڪٽ تي اثر نه پوندو؟ ڊي جي لا چيو ته رول ۾ترميم جو اليڪشن ايڪٽ تي ڪو اثر نه پوندو، ترميم تي اعتراضن تي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي.