ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي کي ھڪ ڀيرو ٻيھر نفرت ۽ رتوڇاڻ ڪندڙ ھٿن ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، اسان  انھي سازش کي ناڪام بڻائينداسين، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته 15 جنوري تي اعلانيل مڪاني چونڊن بابت اڃا تائين ٻڏتر واري صورتحال ڇو آھي؟ هن چيو ته  اليڪشن ڪميشن فوج ۽ رينجرز کي مقرر ڪرڻ لاءِ خط لکي ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي، هن چيو ته  ڪراچي جو عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان مسئلن جو حل چاھي ٿو،