ڪراچي: سنڌ جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي موقعي تي امن امان جي صورتحال بابت  ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو،  جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدر آباد جا ڪمشنرز، ڪراچي جو ايڊيشنل آءِ جي ، ايڊيشنل آءِ جي (اسپيشل برانچ)،  ڊي آءِ جي (سي ٽي ڊي) ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ صوبي جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، 15جنوري تي رٿيل مڪاني چونڊن دوران سيڪيورٽي کي بھتر بنائڻ لاءِ اسنيپ چيڪنگ، سرچ آپريشن، فليگ مارچ ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، هوڏانهن رينجرز  ترجمان چيو آهي ته اليڪشن جي حوالي سان سيڪيورٽي جا انتظام بھتر ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، اليڪشن دوران ڪنھن به ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ رينجرز اھلڪار ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور ڊيوٽي سرانجام ڏيندا.