اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ قومي ادارن جي توهين روڪڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪندي درخواستگذار کي تياري لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو ويو. جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ايڊووڪيٽ حيدر وحيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، وڪيل دليل ڏيندي چيو ته منهنجو ڪيس اظهار جي آزادي کي ضابطو آڻڻ جو آهي، سپريم ڪورٽ براڊ ڪاسٽ ميڊيا کي به ريگيولر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، درخواست آهي ته سوشل ميڊيا کي براڊ ڪاسٽ ميڊيا طور ريگيوليٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي؟ ڇا عدالت هاڻي بنيادي حقن جو ڪٽ ڊائون ڪندي، ٻڌايو وڃي ته ادارن جي توهين هوندي ڇا آهي؟ برطانوي عدالت جو فيصلو آهي ته حڪومت جي توهين ناهي ٿيندي، جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان پارليامينٽ کي چئو اسان قانونسازي جو نه چونداسين، جيڪڏهن رياست پابندي لڳائڻ نه ٿي چاهي ته سپريم ڪورٽ حڪم ڇو ڏئي؟ توهان سپريم ڪورٽ کي نه ٿا چئي سگهو ته حڪومت کي قانون ٺاهڻ جو چوي، جسٽس منيب اختر چيو ته ڇا عدالت بنيادي حقن کي ڪٽڻ جو چوندي، منهنجي خيال ۾ توهان جي درخواست کي دريءَ کان ٻاهر اڇلائڻ گهرجي، جنهن بعد عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي وڌيڪ تياري لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.