لاهور(م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته اسپيڪر ڪوڙ ڳالهايو  چيو ته اڄ اعتماد جو ووٽ نه ورتو ويندو ان بعد وري رات جو 12 وڳي جو انتظار ڪري دير سان ٻي ايجنڊا جاري ڪري اعتماد جو ووٽ بلڊوز ڪيو ويو، اها ڪارروائي رولز ۽ آئين جي خلاف آهي اها ڪارروائي آئين جون گهرجون پوريون نه ٿي ڪري. هن رولز رليڪس ڪري ڪارروائي ڪئي. دوکي ۽ هيراڦيري سان ڪارروائي ڪئي آهي. ان کي اسان نه ٿا مڃون. گورنر جي گهرجن کي پورو نه ٿي ڪري جنهن تحت اعتماد جو ووٽ وٺڻ گهرجي. گورنر جو حڪم معطل آهي ته ڪيئن دوکي سان ووٽ وٺي سگهجي ٿو. هن چيو ته هنن وٽ 8 ڪوششن بعد به وٽن نمبر پورا نه هئا. ملڪ محمد احمد خان کي اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو. اپوزيشن کي پولنگ ايجنٽ ويهارڻ به نه ڏنو ويو. هو جيڪو به نمبر ظاهر ڪندو ان تي اعتماد نه هوندو. فيئر چونڊن جي گهرجن موجب ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪاوڙيل ميمبرن کي به هي وٺي آيا آهن، کين پرويز الاهي حلف ڏنو آهي ته اسيمبلي نه ٽوڙيندس. هن چيو ته ٿابت ٿي ويو ته ڪا به خريد فروخت نه ٿي آهي، سياسي انجنيئرنگ به نه ٿي آهي. هنن جا 180 يا 181 ميمبر هئا وڌيڪ نه هئا. هن چيو ته هي حالتون اهڙيون آهن جو صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائي سگهجي ٿو.