ملير (رپورٽر) پورٽ قاسم ويجهو شاهه حسن مزار ويجهو تيز رفتار موٽرسائيڪل فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي حادثي جو شڪار ٿي وئي، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ 24 ورهين جي محمد حسن پٽ عبدالمجيد طور ٿي، پوليس ضروري ڪارروائي بعد فوتيءَ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو.