پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي ھندو پنچائت اختلافن جي ور چڙھي وئي، ھندو پنچائت جي ھڪ ڌڙي پاران ٽائون ڪاميٽي پنوعاقل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين بيشم لعل، اوم پرڪاش لُنڊ، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ھندو پنچائت جي چيف مکي پرڀو مل داس جي دڪان ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته چيف مکي قبضا گروپ آهي، مکي کي ھٽائي فوري طور جنرل اليڪشن ڪرائي وڃي، جيئن ڪميونٽي جا مسئلا حل ٿي سگھن، مظاهرين وڌيڪ چيو ته موجوده چيف مکي ڊمي آھي، ڪميونٽي جي مسئلن کان لاتعلق آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مکي کي هٽائي ھندو پنچائت جي جنرل اليڪشن ڪرائي وڃي. ھوڏانھن چيف مکي پرڀو مل داس ٻڌايو ته ٽائون جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ٻڌائي ته هن پنھنجي دور ۾ ڪميونٽيءَ جا ڪھڙا مسئلا حل ڪرايا آهن؟ هن چيو ته بليڪ ميلر ٽولي جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين.