روهڙي/ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽائيم نيوز ٽي وي جي ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ ۽ سيلز سيد سرفراز حسين رضوي جو والد ۽ ناميارو ذاڪر اھلبيت سيد اياز حسين شاھ رضوي 65 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ڪوٽ مير يعقوب علي شاھ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سٿ سيد سرفراز حسين رضوي سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي