سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ لڳ کڏهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ پليو مگسي ۾ 25 سالن جي شادي شده شبانا زال سمندر مگسي گھريلو اڻبڻت سبب پنهنجي گهر اندر مبينا طور ڦاھو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي وارث لاش پنهنجي ڳوٺ دليل ديرو ويجهو کڻائي ويا جنهن کان پوءِ سڪرنڊ پوليس پهچي لاش ڳوٺان کڻائي تعلقي اسپتال سڪرنڊ ۾ آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.